SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Non Intervention

(click word to listen sound
  • 🔊
  • nɔnəkseptəns
  • intəvenʃən
  • )

From the Dictionary of Official Terms:

Non Intervention

عدم مداخلت


From the Dictionary of International Relations:

Non Intervention

نان انٽروينشن

عدم مُداخلت

اهڙو اصطلاح جنهن ۾ عام طور ٻين رياستن جي معاملن ۾ هروڀرو ٽنگ اٽڪائڻ کان پرهيز ڪرڻ جي وضاحت ٿيل آهي. هيءُ بنيادي طور سورهين صديءَ جي ”ويسٽفليائي رياستي نظام“ جو هڪ اهم تصور آهي، جنهن ۾ بادشاهي نظام کي رد ڪندي، رياست لاءِ آزادي ۽ خودمختياريءَ جي ضمانت سميت ڪنهن به رياست ۾ سنئين سڌي مُداخلت جي مُخالفت ڪئي ويئي آهي. ان تصور ۾ ارڙهين صديءَ منجهه مشهور مُفڪرن وولف (1740ع) ۽ وئٽيل (Vattel) 1758ع ۾ وڌيڪ گهرائي آڻيندي، کيس درٻار جي تسلط کان ٻاهر ڪڍي، رياستي خوداختياريءَ واري مطلق اصطلاح جي اهم وضاحت طور ڪم آندو. موجوده دور ۾ عالمي امن ۽ علائقائي سالميت جي حوالي سان هر رياست اصولي طور عدم مُداخلت تي عمل ڪرڻ لاءِ ضروري زور ڏئي ٿي، پر هيءُ اصطلاح حالتن ۽ مسئلن جي نوعيت مطابق تبديل به ٿيندو رهي ٿو. مثال طور، سوويت يونين جي افغانستان ۾ آمد کي ”دعوت ذريعي ٿيل مُداخلت“ (Intervention by Invitation) طور ڳڻيو وڃي ٿو، ساڳي طرح ڪيوبا طرفان 1989ع تائين صدر’آگستو نيتو‘ جي انگولائي سرڪار سان تعاون کي ”مُدافعتي مُداخلت“ (Counter Intervention) جي تصور سان ڀيٽيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ڏکڻ آفريقاجي حُڪومت طرفان حمايت يافته، انگولا جي حڪومت مخالف يونيٽا باغين طرفان ٿيندڙ بغاوتن کي مثال طور پيش ڪيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ 1981ع ۾ اسرائيل پاران عراق جي ائٽمي تحقيقي مرڪزن تي امڪاني عراقي حملي کان بچاءُ ۾ اڳواٽ مُداخلت (Pre - emptive Intervention) طور پيش ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه ٽين دُنيا جي آزاديءَ جي تحريڪن جي حمايت ڪرڻ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ خلاف رياستن تي دٻاءُ وجهڻ يا آمر حڪومتن جي پاليسين کي رد ڪرڻ سان پڻ مُداخلت جي روايتي تصور جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي. پر انهن ڀڃڪڙين کي ڪڏهن به مُڪمل طور رد نه ڪيو ويو آهي. عدم مُداخلت جو تصور بُنيادي طور عدم مرڪزيت تي ٻڌل آزاد، خودمختيار ۽ عام طور هڪٻئي سان برميچيندڙ رياستن تي لاڳو ٿئي ٿو. هيءُ تصور اڄ به رياستن تي ٿيندڙ بيروني چڙهائيءَ جي خلاف سڀ کان مضبوط قانوني ۽ اخلاقي هٿيار طور ڪم اچي ٿو.


Remember Me Also:

اڀرو سڀرو

ذ. صفت. هيڻو ڏاڍو. جهڙو تهڙو. ث اَڀري سَڀري.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal